رزاق سهتو

رزاق سهتو

رزاق سهتو

رزاق سهتو: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ اديب رزاق سهتو، پهرين اپريل 1962ع تي الهه وسائي سهتي جي گهر، ڳوٺ صوفاڻي، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1978ع ۾ ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول خيرپورميرس مان، انٽر 1980ع ۾ ممتاز ڪاليج مان ۽ بي. ڪام 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور ميرس مان ڪيائين.
عملي زندگيءَ جو آغاز 1984ع ۾ سنڌ ايمپلائيز سيڪيورٽيءَ کان ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1986ع کان وٺي بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اهم عهدن تي فائز رهيو، جڏهن ته مختلف وقتن تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي به رهيو آهي.
رزاق سهتي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ جلد ئي هن نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو. سندس مضمون مختلف سنڌي اخبارن جهڙوڪ: روزاني عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان ۽ پڪار ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس لاڙو ڊرامن ڏانهن به رهيو آهي. سندس ڪيترا ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڊرامه سيريل ’شام‘ ۽ آرٽ پلي ’سهارو‘ قابل ذڪر آهن، جڏهن ته هڪ اردو ٽيلي فلم ’اعلان‘ به لکي چڪو آهي.
سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’اڌ وهي‘ 2001ع ۾ سيف پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ شامل ڪهاڻي ’ڪارنهن‘ کي هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي تيار ڪرايل ’سنڌي نصاب‘ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي، ۽ اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به پڙهايو وڃي ٿو. رزاق سهتي کي ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز ملي چـڪـا آهن، جن ۾ سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن اوارڊ (1993ع)، رشيد ڀٽي اوارڊ (1993ع)، سـنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ’بهترين ڪهاڻيڪار‘ اوارڊ (1998ع)، محمد عثمان ڏيپلائي ايسوسيئيشن اوارڊ (1998ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.04.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ اديب رزاق سهتو، پهرين اپريل 1962ع تي الهه وسائي سهتي جي گهر، ڳوٺ صوفاڻي، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو منير2
پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر
رُڪمڻي سندر چئناڻي
آنند کيماڻي
عبدالجبار عاجز منگي
رسول بخش تميمي
ڄيٺواڻي هريڪانت
احسانه ڊار
محمد سومار شيخ
روشن علي تنيو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون